انور پيرزادو اڪيڊمي

انور پيرزادو اڪيڊمي: انور پيرزادو اڪيڊمي، نامور نقاد، صحافي، اديب ۽ شاعر انور پيرزادي جي ياد ۾ سندس فرزند زرار پيرزادي جي ڪوشش سان قائم ٿي آهي، هن اڪيڊميءَ هن وقت تائين 6 ڪتاب ڇپايا آهن، جن ۾ (ا) متان وساريو (2007)، (2) ڀٽائي (2007ع)، (3) ممبئي ياترا (ڀارت جو سفر نامو: 2008ع)، (4) سنڌ (2008ع)، مهين جو دڙو (2009ع) ۽ (6) جديد سنڌي ادب (جنوري 2010ع) شامل آهن. سڀئي ڪتاب انور پيرزادي اجي تحريرن تي مشتمل آهن. اها اڪيڊمي گلشن حديد ڪراچيءَ ۾ واقع آهي.


لفظ انور پيرزادو اڪيڊميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو